رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی جي سنڌي معنيٰ
”اي پالڻھار، منھنجي امتين کي بخشي ڇڏ.“
(رسولﷺ پاران گهريل دعا مان ٽڪرو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Lord! Forgive my Ummah."
(A piece of a prayer by Prophet PBUH)
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی جا بيتن ۾ حوالا
اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي،
آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾ رُڪَ رَئِي،
تيغِنِ تاءُ تِکو ٿِئو، سَگهي ڪو نَہ سَھِي،
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی ، چَڙِهئو ڄامُ چَئِي،
سَمي سانگِ کَنئِي، سَرَڻِنِ جو سُکُ ٿِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 11 ]

اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ،
ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ،
آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان پُنِيَس واڪَ،
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی چَئِي، بَھدُرُ چَڙِهئو بُراقَ،
پِڙَ ۾ اَچِي پاڪَ، سَرَڻِنِ جو سُکُ ڪِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 12 ]