دِلِاسي جي سنڌي معنيٰ
ڏَڍَ، آسري، دلجاءِ، تَسلي، تسڪين، آٿَتَ، دلداري. هِمَت، فرحت، آرامَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
comfort, consolation, encouragement.
دِلِاسي جا بيتن ۾ حوالا
تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا،
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا،
دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 11 ]
آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا،
دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 11 ]
ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي،
ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو آئِي،
وارِيين نَہ وائِي، دِلِاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 20 ]
ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو آئِي،
وارِيين نَہ وائِي، دِلِاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 20 ]
دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائِيءَ وارِ،
جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 42 ]
جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 42 ]
ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي،
ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ،
دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وَھِيڻُو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 2 ]