دِلبَرَ جي سنڌي معنيٰ
دل کڻي ويندڙ، دل وارا، دل گهُريا. وڻندڙ، موھيندڙ، موھڻا، سُندَر، خاصا، سھڻا، حَسِين. پيارا، محبوب، معشوق، مُوھَن، سُپرين، ساجَن، مُحب، پِرين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Heart-ravishing, beloved, lovely, attractive, charming. A sweetheart.
دِلبَرَ جا بيتن ۾ حوالا
نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي،
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽا ماري،
ٻيلي پارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينھِيُون ٿو چاري،
ھُوءِ ھُونگارُون پُون پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنواري،
ھُوءَ جا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيان تَنھِن آساري.
[ سُر سھڻي، وايون، 14 ]

ٿِئَڙَم سُورَ سَمَرَ، اي دِلبَرَ،
موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ،
آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.
[ سُر معذوري، وايون، 12 ]
موٽُ سَٻاجها سُپِرِين،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ،
آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.
[ سُر معذوري، وايون، 12 ]
آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ،
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
English Meaning
Heart-ravishing, beloved, lovely, attractive, charming. A sweetheart.