دُوئِي جي سنڌي معنيٰ
ٻيائي، نفاق، اڻبڻت، فرق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Duality, difference, enmity, discord, hypocrisy, double-dealing, deceit, guile.
دُوئِي جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو جوڳُ،
سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ،
جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي ريبئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 23 ]
سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ،
جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي ريبئو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 23 ]
وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
وِترَ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناھِ دَلِيلُ،
نالو ناھِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ.
[ سُر آسا، وايون، 6 ]