خِلوَتَ جي سنڌي معنيٰ
اڪيلائي، خلاصگائي، ايڪانت، گوشو، گوشا نشيني، نِويڪلائي، اڪيلائپ. ڪنھن جاءِ جي خالي ٿيڻ جي حالت، خالي جاءِ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Solitude, lonesome, loneliness, reserve
خِلوَتَ جا بيتن ۾ حوالا
وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 1 ]
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 1 ]
سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ،
تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، لَنگهي دَرُ دُوارَ،
توکي گهوٽَ گُهرايو، خِلوَتَ لَئي کَنگهارَ،
اَلسَّلَامُ عَلَیْڪَ أَیُّہَا النَّبِیُّ وَرَحْمَۃ اللّٰہِ ، کِلي ڪِئائُون کِيڪارَ،
تِھان پوءِ ڏاتارَ، ڏِئُو مُلڪُ مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 11 ]