جِھو جي سنڌي معنيٰ
جھڙو، وانگي، وانگر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
As, like as, in such manner as.
جِھو جا بيتن ۾ حوالا
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ڪاڪِئا قاصِدُ آيو، راڻي پاسِ رَمِي،
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
چَڙُھ مُحَّمَدَ مُصطَفيٰ، دوسِتَ دَمُ دَمِي،
نَڪو خَوفُ خَطِرو، نَڪو غَمُ غَمِي،
ڪونِهي ٻِئو ڪَرَمِي، جِھو تو جَھانَ ۾.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 6 ]
وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ ڏِسانِ،
جَنھِن جِھو ئِي ناھِ ڪِي، سا ڪا سُونھَن سَندِيانِ،
پَسِئو ڪِينَ پَسانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 29 ]
جَنھِن جِھو ئِي ناھِ ڪِي، سا ڪا سُونھَن سَندِيانِ،
پَسِئو ڪِينَ پَسانِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 29 ]
طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو،
وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ عَينُ ٿِئو،
طَلَبُ اللہ تَعاليٰ قَبلَ ڪُلِ شَيءِ فرِيضَةُ ، ڇَڏَڻَ تان نَہ جِھو،
سُڃاڻِي سِھو، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 16 ]

جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]

جَکِري جِھو، ڏِسان ڪونَہ ڏيھَنِ ۾،
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
وَڃِي ڇو نَہ وِھو، اِنَ دَرِ سُوالِي مَڱڻا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 10 ]
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
وَڃِي ڇو نَہ وِھو، اِنَ دَرِ سُوالِي مَڱڻا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 10 ]
جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾،
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو،
تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 2 ]
تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 2 ]
English Meaning
As, like as, in such manner as.