جِيئَري جي سنڌي معنيٰ
حياتيءَ ۾ ئي، زندگيءَ ۾ ئي، مرڻ کان اڳ ئي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In life, while in live
جِيئَري جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي،
پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ،
سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 1 ]

صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو،
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]

ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]

مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ،
ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،
پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ الَموتُ مارِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 5 ]

ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان،
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]

جَڙَ جِيئَري جَنِ سين، مُئي سين تَنِ،
جٖي ھِتِ نَہ ھوتُ پَسَنِ، سي ڪَنھِن پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 9 ]

توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي،
جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي،
جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 3 ]

ڪَنھِن جَنھِن نِينھَن لَڌاھُ، جِيئَن مُون واجهائِينديءَ نَہ وَرِئاھُ،
جيڪِي مُئِي ڪَنداہُ، سو جانِبَ ڪَرِئو جِيئَري.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 28 ]

شُڪُرُ گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِيئَري يارَ،
ويٺي جَنِي وَٽِ ۾، ڪوڙيِين ٿِئا قَرارَ،
ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَنِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 27 ]