جِهڄي جي سنڌي معنيٰ
ڳَري، غم ۾ اندر جو اندر ۾ ڳَري، وِجهلي، روئي، ڳوڙها ڳاڙي، هَنجُون هاري. غم ڪري. ارمان ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To melt, weap, cry, shading tears from eyes.
جِهڄي جا بيتن ۾ حوالا
چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا،
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ،
وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 2 ]

مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون،
حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو،
ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ ھارِئو،
سيئِي ماري ھَلِئا، جِيئَڙو جَنِ جِيارئو،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، جهوڪُنِ ٿي جُهڻِڪارِئو.
[ سُر ڏھر، وايون، 4 ]

وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، مُنھِنجو ساھُ وَھِيو سيڻانِ آيَلِ آيَلِ!
مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ،
سو ڪِيئَن ھِينئَڙو جَهلِئان، جِهڄي جو ڪيڻانِ،
مُون وِئَڙا نَہ وِسَرِي، ھُو جي نِينھَن ڀَرِئا نيڻانِ.
[ سُر حسيني، وايون، 27 ]

جِهڄي جهانءِ ڪَري، ماٺِ نَہ اَچي مُون ھِنيَين،
سَڄَڻَ سي ساري، ھو جَنِي جو ھيرَئُون.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 14 ]

وَرُ اُهائِي ويرَ، جِيئَن ڌَڻُ تَسي تَڙِ آيو،
سَرَتِيُنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِئو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍَيرَ،
هِينئَڙي اُنَ جِي هيرَ، ٿو جِهڄي جَهروڪَنِ ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 20 ]