تَڪبِيرَ جي سنڌي معنيٰ
خدا جي وڏائي جو بيان. خدا تعاليٰ جي وڏائي بيان ڪرڻ جو فقرو ”الله اڪبر“. نماز ۾ ”الله اڪبر“ چوڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Repeating the Muslim creed or simply saying “God is great”.
تَڪبِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو،
قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ،
تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرَ چَئِي، جِسمان ٿِئا جَوابُ،
تَنِي ڪِھَڙو ڏوھُ ثَوابُ، جَنِ ھِينئَڙي ھادِي حَلِ ٿِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 4 ]

جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ نِمازَ،
سَڀَ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 23 ]

جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ سُجُودُ،
وِڃائي وُجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 24 ]