بَقَرَة جي سنڌي معنيٰ
قرآن شريف جي هڪ سورة جو نالو جنهن ۾ بني اسرائيل جي ڍڳيءَ جو ذڪر آهي. ڳئُون. وهڙي. تصوف جي اصطلاح ۾ انهيءَ شخص جو روح جنھن خدا جي طلب ۾ پاڻ کي حرص هوا کان روڪيو هجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Arabic word for cow. Name of a Soorah in Holy Quran. In Mysticism it is called to soul of a person who restricted himself from material things and greed for reaching to enlightenment.
بَقَرَة جا بيتن ۾ حوالا
فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، جَڙِيائُون سين جانِ،
اَپَرِ اَلِ عِمرانِ سين، قُربُ ڪِئو ڪِيڻانِ،
سُخنَ جي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 17 ]

فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ،
نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ،
سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ،
نيئِي اَڏِئا اَمُنَ ۾، پَکا پَنوَهارَنِ،
سَڳَرَ ساڻيھَ سَرَتِيين، ريلِنِ مَنجِهہ رَهَنِ،
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 18 ]
نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ،
سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ،
نيئِي اَڏِئا اَمُنَ ۾، پَکا پَنوَهارَنِ،
سَڳَرَ ساڻيھَ سَرَتِيين، ريلِنِ مَنجِهہ رَهَنِ،
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 18 ]
English Meaning
Arabic word for cow. Name of a Soorah in Holy Quran. In Mysticism it is called to soul of a person who restricted himself from material things and greed for reaching to enlightenment.
بَقَرَة ٻول جا زمرا