بيڪانِير جي سنڌي معنيٰ
بيڪانير، ڀارت جي هڪ اڳوڻي رياست جو نالو، جنھن کي 1950ع ۾ جئپور سان ملائي، جدا صوبو ٺاھيو ويو آهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bikaner is a city in the northwest of the state of Rajasthan, India. It is located 330 kilometers (205 mi) northwest of the state capital, Jaipur.
بيڪانِير جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]