اِنعامُ جي سنڌي معنيٰ
بخشش، خلعت، سوکڙي، تحفو. ڪنھن اتم ڪم بدلي ڪم ڪندڙ کي جيڪا خاص بخشش ملي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Reward, award, prize, benefaction, favour, largesse, grant.
اِنعامُ جا بيتن ۾ حوالا
راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ،
حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ،
ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ،
پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ، مَٿي ھاھُوتَ ھَلِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 9 ]

خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]

پَکَي جاڳوٽِيَنِ جي، اُڀو ڄامُ ڄُلي،
مُھُ مُھُ پييُون مَسندُون، جُهڳَنِ پاسِ جُهلي،
ڪِينجُهرُ سَڀَ کِلي، تَنِ اُگهاڙَنِ اِنعامُ ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 24 ]

گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پَينامُ،
اُنِين کي اِنعامُ، مَڃَرُ مِڙيوئِي ٿِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 19 ]