اُتارِئو جي سنڌي معنيٰ
پار ڪرايو، هيٺ لاهيو، بچايو، مٿي چاڙهيو، قوت بخشيو، لاهيو. پار ڪريو. امداد ڪريو. وڌائيو. ڪا عبارت نقل ڪريو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
help out, bring down, bring up, give power, (To copy, take a copy.)
اُتارِئو جا بيتن ۾ حوالا
جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

جِياسُون جوڙَ ٿِي، ڏِٺُم تارِ تَرَڪُ،
ھاڻي تَنِي ھَٿِ ڪِئو، ھو جَني جو حَقُ،
رامُ اُنَهَنِ روئيو، سامِي آڻِ مَ شَڪُ،
سَندو نَهِيءَ نَڪُ، اُنِ اَمرَ ساڻُ اُتارِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 22 ]