اَڳِرو جي سنڌي معنيٰ
جلدباز، تڪڙو. وڌيڪ، زيادہ، سرس. مقدم، مٿاھون. اَڳي، اَڳيان. بھتر، سٺو، عمدو. زيادتي ڪندڙ. پيشقدمي ڪندڙ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Superior, excellent, above, one who interrupts or pushes forward, one who commits an excess and so is in fault in a quarrel. adv. With intemperance or excess.
اَڳِرو جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ،
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]

پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو،
چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، تَڏِھِين مَولا مِينھَن وَسايا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 19 ]

ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ،
ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻارَھن وَرِھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 9 ]

اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ،
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 31 ]