اَگهِئا جي سنڌي معنيٰ
فيض ورتائون، قبول پيا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Affirmed
اَگهِئا جا بيتن ۾ حوالا
مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 4 ]

ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو ٻاروچا،
سانگُ سَسُئِيءَ جو ڪِجا وو ٻاروچا،
ڏُکيءَ جا ڏيرا وو پانڌِيا،
ڪَمِيڻِيءَ جا ڪيچَ ۾، اَگهِئا اوجاڳا،
پَرَڏيھِي سا پِرِيَرِي، ڪَڏِھِين ڪامَ ڪِجا،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، مَعذُورِ مارِيندا.
[ سُر ديسي، وايون، 12 ]

ڄاڻين توءِ مَ ڄاڻُ، اِي دَرُ اَٻوجَهنِ جو،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ نَہ ڀانيو پاڻُ،
رُونجهاڻِي راڄاڻُ، آھي اَٻوجَهنِ جو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 27 ]

ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ،
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ،
اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي سِڪَنِ،
اَگهِئا سُٽَ سَندَنِ، پائي تَرازِيءَ نَہ تورِئا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 21 ]

ڪِي اُنِهين ۾ آھي، ھُوءِ جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپَڙا،
ڌارِيا ڀانئِينِ ڌارِيُون، پاڻَ پِرِينءَ سين کائي،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ کي ڪونَہ چِتائي،
پَنھِنجُون ڇَڏي پُٺِ ۾، رِڙُھ اُنِهيءَ جي راھي،
خِذمَتَ ڪَرِ خُلقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،
اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي ، پَنھِنجا پاڻَ پَراھي،
لايَعرِفُهُم غَيرِی ، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي.
[ سُر آسا، وايون، 8 ]

اَگهِئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جا،
مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳَ،
رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 42 ]

راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي،
گَهڻا گهوڙي چاڙِھئا، تو مُسافِرَ مَسِيتِ،
پُڇين ڪانَہ وِڏِيتِ، جٖي آئِيا سي اَگهِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 10 ]