اَوائِي جي سنڌي معنيٰ
بي زبان، گگدام، جنھن کي ڳالهائڻ جو ڍنگ نہ هجي. بيوقوف، نادان. موڳو، وائِڙو، اجايو، بي فائدو. بيھودو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dumb, duffer, senseless
اَوائِي جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي،
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري،
ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي،
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،
مَن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن ، اِنَ ريءَ اُونداھِي،
ھُوءَ جَا ھَلِي ھيڪَلِي، گِيرَبُ گَنوائِي،
بِلَا شَيۡخ مَنۡ يَّمۡشِيۡ فِي الطرِيۡقِ ڪَمَنۡ يَّشۡمِيۡ فِي الۡبَحۡرِ بِلَا سَفِيۡنَةٍ ، اِھَڙِي اَوائِي،
تَنھِن ريءَ تَوائِي، ڪوڙيِين ٿِيَنِ ڪيتِريُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 7 ]