اَندوھَ جي سنڌي معنيٰ
رنج، غم، ڏک، ارمان، فڪر، ڳڻتي. خيال، اُڊڪا. انتظار
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sorrows, grieves, miseries, afflictions.
اَندوھَ جا بيتن ۾ حوالا
لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ اَندوھَ ۾،
پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 21 ]
پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 21 ]
اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو،
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ،
جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 28 ]
سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ،
اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 15 ]
اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 15 ]
نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ،
اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 15 ]
اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 15 ]
English Meaning
Sorrows, grieves, miseries, afflictions.