اَجهو جي سنڌي معنيٰ
پشت پناھ، پردو، ڍَڪُ، بچاءُ، آسرو، سھارو. گهَرُ، رهڻ جي جاءِ. مٿي لڪائڻ جو هنڌ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Support, home, safeguard, veil, cover, safety, security.
اَجهو جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان،
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو،
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
اَجهو ڪِئو آرِي، ھِيءَ ويچارِي، وَئِي ڪاھِيندِي ڪيچَ ڏي،
آئُون پِيادي پَنڌُ گهَڻو، واٽُنِ تي واري،
پُنهون پِيادِيَنِ جا، بارَ کَڻي بارِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، تُنھِنجِي آھي تارِي.
[ سُر حسيني، وايون، 12 ]
آئُون پِيادي پَنڌُ گهَڻو، واٽُنِ تي واري،
پُنهون پِيادِيَنِ جا، بارَ کَڻي بارِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، تُنھِنجِي آھي تارِي.
[ سُر حسيني، وايون، 12 ]
وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا سِرَ تي،
اَجهو ري اللهَ، ڪونِهي ڪاپَڙِيَنِ جو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 14 ]
اَجهو ري اللهَ، ڪونِهي ڪاپَڙِيَنِ جو.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 14 ]
تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو تُون آڳُ،
ھِتِ پُڻ تُنھِنجو تَڪِئو، مَھِندِ پُڻ تُونھِين ماڳُ،
سي لورِيُون ڏِينِ نَہ لاڳُ، جٖي اَجهي آيُون اَبَڙي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 23 ]
ھِتِ پُڻ تُنھِنجو تَڪِئو، مَھِندِ پُڻ تُونھِين ماڳُ،
سي لورِيُون ڏِينِ نَہ لاڳُ، جٖي اَجهي آيُون اَبَڙي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 23 ]
ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي وَرَ وِھارِيين،
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
اَجهو تُون آڳُ، وَڏو آھِينمِ وَلَها.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 20 ]
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
اَجهو تُون آڳُ، وَڏو آھِينمِ وَلَها.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 20 ]
شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان،
نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ،
اُپَڙِي نِتُ نِھارِيان، واٽُون ويراڳِينِ،
اُتَرُ اَجهو جَنِ جو، بُکَ بِکِيا تَنِ،
لوڪَ سُتي ڇَڏِئا، آسَڻَ آديسِيَنِ،
اَگَرُ چَندَنُ اُڀِري، مَنجهان دُودَ دُونھِيَنِ،
پَسِي آئُون پُرِ ٿِي، تَنِ صُورَتَ سَناسِيَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 21 ]