آئِيو جي سنڌي معنيٰ
آيو، اچي ويو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Came
آئِيو جا بيتن ۾ حوالا
دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو.
ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو،
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
هُو جَنھِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
عَبدِالْلَطِيفُ چئَي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 6 ]

اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي،
آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾ رُڪَ رَئِي،
تيغِنِ تاءُ تِکو ٿِئو، سَگهي ڪو نَہ سَھِي،
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی ، چَڙِهئو ڄامُ چَئِي،
سَمي سانگِ کَنئِي، سَرَڻِنِ جو سُکُ ٿِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 11 ]

وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ،
گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.
[ سُر بلاول، وڳند، 1 ]
گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.
[ سُر بلاول، وڳند، 1 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، پينارَنُون پوءِ،
مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ
اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر بلاول، وڳند، 2 ]
مَحڪُمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَہ ڏِنُسِ جوءِ
اُڀو اِيئَن چوءِ، تَہ پِيران پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر بلاول، وڳند، 2 ]
وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ،
جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.
[ سُر بلاول، وڳند، 3 ]
جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.
[ سُر بلاول، وڳند، 3 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ،
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪِنُو ٿِي ڪوجهو،
ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 5 ]
ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.
[ سُر بلاول، وڳند، 5 ]
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي،
اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي،
ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 2 ]
اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي،
ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 2 ]
اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ،
ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ،
آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان پُنِيَس واڪَ،
رَبِّ ھَبْ لِیْ اُمَّتِی چَئِي، بَھدُرُ چَڙِهئو بُراقَ،
پِڙَ ۾ اَچِي پاڪَ، سَرَڻِنِ جو سُکُ ڪِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 12 ]