ھاڃو جي سنڌي معنيٰ
نقصان پھچائيندڙ. زخم رسائيندڙ، ڦَٽُ ڪندڙ، لُچو، حرڪتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who injures or destroys, destructive, mischievous, and hurtful.
ھاڃو جا بيتن ۾ حوالا
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ،
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِھارِئو روءِ، راتِ نَہ رَھَئا ھيڪَڙي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 9 ]
آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي،
ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 9 ]
ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 9 ]
سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگِهي جُوءِ،
ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي وِئا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 12 ]
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگِهي جُوءِ،
ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي وِئا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 12 ]
کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين،
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
سوڍي ريءَ سَرَتِيُون، پِئو ڀِتِيُنِ ۾ ڀَنگُ،
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا تو ريءَ رَنگُ،
ھِنيَين سين ھاڃو ٿِئو، پِئو اوسِيڙي اَنگُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، پُڇايو پُڇان پَھِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 13 ]
جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين،
ھِنيَين سين ھاڃو ڪَري، وِڏُوڻِجِي وِئو،
سو ڏِسَڻُ ڏيھُ پِئو، راڻو جَنھِن راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 14 ]
ھِنيَين سين ھاڃو ڪَري، وِڏُوڻِجِي وِئو،
سو ڏِسَڻُ ڏيھُ پِئو، راڻو جَنھِن راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 14 ]
بُرو بِگِيرَدِ بي، ٿا ڏِينِ پاريسيُون پاڻَ ۾،
مُون لوڏان ئِي لَکِيا، تَہ ھاڃو ڪَندا ھي،
مارِيندا مُون کي، پُنهون نِيندا پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 7 ]
مُون لوڏان ئِي لَکِيا، تَہ ھاڃو ڪَندا ھي،
مارِيندا مُون کي، پُنهون نِيندا پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 7 ]
English Meaning
One who injures or destroys, destructive, mischievous, and hurtful.