چانگا جي سنڌي معنيٰ
اُٺَ، ڪنواٽَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Camels.
چانگا جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو،
اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 5 ]
اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 5 ]
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ،
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 11 ]
کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ مَ چَرُ،
سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ،
ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 37 ]
سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ،
ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 37 ]
مِٺيُون لَھِي مُھان، جَي تو چانگا چِنِيُون،
وَلَڙِيُون وِھَ ساءِ، اَڃا پوءِ مُھَندِيُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 42 ]
وَلَڙِيُون وِھَ ساءِ، اَڃا پوءِ مُھَندِيُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 42 ]
ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِئو،
موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو،
آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 2 ]
موڙي مَڃَرَ ٽارِيُون، چانگا اَئِين چَرو،
آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 2 ]
ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون،
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]
توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ ڪَمائِي،
تُنھِنجِي سُڌِ سَرواڻَ کي، آھي مَعلُومُ مِڙيائِي،
ڪَرِ چانگا چَڱائِي، تَہ اَچيئِي ڪَمِ ڪَشالَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 21 ]
تُنھِنجِي سُڌِ سَرواڻَ کي، آھي مَعلُومُ مِڙيائِي،
ڪَرِ چانگا چَڱائِي، تَہ اَچيئِي ڪَمِ ڪَشالَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 21 ]
رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا چَڱي نَہ اِيئَن،
تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن،
تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ طاقَ کي.
[ سُر راڻو، وايون، 9 ]
تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن،
تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ طاقَ کي.
[ سُر راڻو، وايون، 9 ]
چانگا چَندَنُ نَہ چَرين، مَياپِيين نَہ موڪَ،
اگَرَ اوڏو نَہ وَھين، ٿُڪِئو ڇَڏِيين ٿوڪَ،
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪِھَڙي اَکَرِ آھَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 40 ]
اگَرَ اوڏو نَہ وَھين، ٿُڪِئو ڇَڏِيين ٿوڪَ،
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪِھَڙي اَکَرِ آھَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 40 ]
English Meaning
Camels.
چانگا ٻول جا زمرا