ڀورو جي سنڌي معنيٰ
اٻوجهہ، سادو، نادان، اڄاڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Artless, innocent, simple.
ڀورو جا بيتن ۾ حوالا
ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيان جي سُونھَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئا، ڀورو ڪوھُ نَہ لَڄي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سُورِيءَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 10 ]

ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري،
سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 23 ]
سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 23 ]
پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھُون،
تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون،
ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 2 ]
تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون،
ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 2 ]
سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن،
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن،
تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون وَڏِي ٿِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 9 ]
اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن،
تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون وَڏِي ٿِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 9 ]
اَڇا ڪوٽَ پَٽَنِ ۾، ٿو عُمَرُ اَڏائي،
ڏَمِرِئو ڏيھَ ڌَڻِي، ڇاڄا ڇَڏائي،
ڀورو ايِئَن نَہ ڀانئي، تَہ لوڪُ لاڏائُو ساٿَڙو.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 10 ]
ڏَمِرِئو ڏيھَ ڌَڻِي، ڇاڄا ڇَڏائي،
ڀورو ايِئَن نَہ ڀانئي، تَہ لوڪُ لاڏائُو ساٿَڙو.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 10 ]
English Meaning
Artless, innocent, simple.