نَنگُ جي سنڌي معنيٰ
حياءُ، شرم، غيرت، لاج، ڀَرم. عزت، آبرو، مان، شان. ڪارپت، لڄ، پت، ناموس، لحاظ، جميعت، عيب، ڪلنڪ، رسوائي، ذلت، بدنامي. ريت، رسم. لاڳاپو، واسطو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Honor, sense of honor, high feeling. (adj) Naked. Used in counting articles as we, speaking of cattle, use “head”, thus, Ten articles.
نَنگُ جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ،
ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ،
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 19 ]
ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ،
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 19 ]
نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ،
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ،
گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ،
راوَلُ پَسِي رَنگُ، ٿِئا لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 27 ]
نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو،
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]