نانگا جي سنڌي معنيٰ
ھندو سامين جا ھڪڙا قبيلا، جيڪي ڪپڙا لٽا ناھين پائيندا. بنا ڪپڙي جي، بنا پردي، اگهاڙا، عُريان، ننگا، برهنه، لانگوٽيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A caste of Hindu fakirs who go about almost naked and covered with dust.
نانگا جا بيتن ۾ حوالا
نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 40 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري لِڪَ،
ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 41 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا،
ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 42 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا،
ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 43 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ ٻَڌنِ،
ھُوءِ جٖي ٿا ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 44 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي حالَ،
ھُوءِ جٖي ڪَھِيا ڪالَهہ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 45 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي،
ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي،
آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 46 ]

ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ،
اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ،
اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ چالِ،
ويچارا وُجُودَ جِي، ڪَنھِن سان ڪَنِ نَہ ڳالِهہ،
نانگا ٿِئا نِھالُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 2 ]

ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ،
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]

ٽيوِيھين ٽِمائِي، نانگا ھَلِئا نيڻَ،
ڪِينَ وِسارِينِ ڪاپَڙِي، سَٻاجهائِي سيڻَ،
جِهڄِئو جِهيڻِيءَ جِهيڻَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 23 ]