مِينڍا جي سنڌي معنيٰ
وار، چڳُون، ڳُتون، چوٽيون، زلف
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hairs, hair binds
مِينڍا جا بيتن ۾ حوالا
آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ،
راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ،
آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ،
وينگَسِ ويڙِهيچَنِ ري، ٻِي مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ ڪوٽِئان نِڪِري.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 1 ]

مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، آھيسِ مَنِ مَلِيرُ،
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
ڪَڍي تَہ ڪاڻِ لَھي ھِتان ھِيءَ حَمِيرُ،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، جَي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 2 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ڪونِهي اِنَ اوڄاھُ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 3 ]
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ،
ويٺِي چوءِ اللهُ، مُون تي مِٽَ نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 3 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، نَہ کِلي نَہ کاءِ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،
ھِيءَ جَا ڪِيَئِي ھاءِ، مَھِندان اِيندَيئِي مُنھَن ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 4 ]
عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،
ھِيءَ جَا ڪِيَئِي ھاءِ، مَھِندان اِيندَيئِي مُنھَن ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 4 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ،
سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ،
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي ماڙِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 5 ]
سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ،
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي ماڙِيين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 5 ]
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، مَحَلين مارُوئان ڌارَ،
پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ،
جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ وِھَندِي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 6 ]
پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَہ ويڙِھي وارَ،
جَا ھُتيجَنِ ھارَ، سا ڪِينَ وِھَندِي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 6 ]
English Meaning
Hairs, hair binds