مُٺِيَسِ جي سنڌي معنيٰ
آءٌ ڏچي ۾ اچي ويم، آءٌ مُٺي، مان مصيبت ۾ اچي ويس، آءٌ تڪليف ۾ ڦاسي پيس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
I am sad, I came in misery, I became miserious.
مُٺِيَسِ جا بيتن ۾ حوالا
مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ،
ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ جو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 1 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو،
مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو،
مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 19 ]
مَٿان اُلَھِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لامارو،
مُٺِيَسِ مُون مارو، ڪَندا بُکِئا پَکِي بَرَ جا.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 19 ]
ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين ۾ ٺارَ،
سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ،
ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 16 ]
سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ،
ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 16 ]
تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ،
مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ ھارَ،
دوسِتَنِئون دُورِ ڪِيَسِ، ھِنَ ڪُوڙي ڪَڻَهارَ،
آھِيان عَيبِدارَ، سِڪان ٿِي سُھاڳَ کي.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 17 ]