ماڳَنِ جي سنڌي معنيٰ
رهڻ جو هنڌن، جاين، جڳھن، هنڌن، مڪانن، آستانن، گهَرن. منزل گاھن، ٺِڪاڻن. وطن، ملڪن ديس. گامن، ڳوٺن، شھرن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Places, residences, stations.
ماڳَنِ جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا،
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ،
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ،
سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 16 ]
ھَنجَڙا نَہ پَسان ٿِي سي، جي اُڏامِي وِئا واھيرَنِ تي،
پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي،
موتِي جَنِ ماڳَنِ ۾ لالُون لَھَنِ تِتي،
جَنِ جو عَھدُ اللهَ سين، ڪِيئَن رَھندا ھِتي.
[ سُر ڪارايل، وايون، 2 ]
پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي،
موتِي جَنِ ماڳَنِ ۾ لالُون لَھَنِ تِتي،
جَنِ جو عَھدُ اللهَ سين، ڪِيئَن رَھندا ھِتي.
[ سُر ڪارايل، وايون، 2 ]
English Meaning
Places, residences, stations.