لَنڊِيُون جي سنڌي معنيٰ
رنڊيوُن، چڪلائڻيون، اؤباش عورتون، نالائق، بدڪار عورتون، چڪلي ۾ ويٺل عورتون، ڪمينيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Prostitutes, call girls, sex workers.
لَنڊِيُون جا بيتن ۾ حوالا
لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏيھَ کي،
ڪِبو ڪوھُ سَتِنِ، جٖي ڍَڪِئو ڍَڪِين پاڻَ کي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 14 ]

لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ سِرُ سَڀَ ڪَنھِن،
سَتِيُون سَڀَ مَرَنِ، جٖي وَرَنِ ساڻُ وِنگِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 15 ]

لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 16 ]

تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون،
لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ،
ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ بِہ گَڏِيُون ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 20 ]

جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ مان، لَڏي وَيُون لوءِ،
ھاڻي ھِنھان پوءِ، لَنڊِيُون رَھَنِ لَبَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 22 ]
ھاڻي ھِنھان پوءِ، لَنڊِيُون رَھَنِ لَبَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 22 ]
تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون،
تَنِي لَڳي مَ ڪَسُ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 19 ]