قَتَلامُ جي سنڌي معنيٰ
عام خُون، ڪُھُ، ڪوسُ، گهات، قتل. (قتل+عام)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mass killing, massacre.
قَتَلامُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ،
گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ،
صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ ڪِيني کي قَتَلامُ،
تَہ نانگا تُنھِنجو نامُ، لِکِجي لاھُوتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 9 ]

خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]