طَمَعَ جي سنڌي معنيٰ
لوڀ، لالچ، حرص. خواهش، چاھُ، گهرج، ضرورت. اميد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Covetousness, desire, expectation
طَمَعَ جا بيتن ۾ حوالا
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ،
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان رَکَ ٿِئي،
تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 11 ]
تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 11 ]
جَو تَرَڪُ طَمَعَ کي ڪَري، سو ڪِي مُون سُڻاءِ،
جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ،
مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 12 ]
جيڪِي چَئِين جِيءَ مان، سوڳورَ مَنجهان ڳالَهاءِ،
مَڱَڻَھارُ مَلَهاءِ، جو وِچان ويرِيَنِ آيو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 12 ]
طَمَعَ جِي تَنوارَ، مَٿان ڪَرِيين مَڱڻا،
ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪُ ڏيئِي مُٺِ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 48 ]
ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪُ ڏيئِي مُٺِ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 48 ]
English Meaning
Covetousness, desire, expectation