صُوفِيءَ جي سنڌي معنيٰ
طريقت واري سالڪَ، سلوڪ واري فقيرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kind of religious devotee.
صُوفِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رڳُنِ ۾ ساھُ،
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو،
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
صُوفِي چائِيين سَڌَ ڪَرِيين، صُوفِيءَ اِيءَ نَہ صَلاحَ،
ڪاٽي رَکُ ڪُلاھَ، اُڇَلي وِجهُہ آڳِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 6 ]
ڪاٽي رَکُ ڪُلاھَ، اُڇَلي وِجهُہ آڳِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 6 ]
English Meaning
Kind of religious devotee.