صَلاحَ جي سنڌي معنيٰ
مت، نصيحت، هدايت. راءِ. مشورو، مصلحت، ڳڻت، لاءِ، رٿ، تدبير، تجويز. ارادو، منشا، مرضي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Counsel, advice, consultation. Praise, applauding.
صَلاحَ جا بيتن ۾ حوالا
مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ،
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
صُوفِي چائِيين سَڌَ ڪَرِيين، صُوفِيءَ اِيءَ نَہ صَلاحَ،
ڪاٽي رَکُ ڪُلاھَ، اُڇَلي وِجهُہ آڳِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 6 ]
ڪاٽي رَکُ ڪُلاھَ، اُڇَلي وِجهُہ آڳِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 6 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ،
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]
ڀَرِيُون ڀَرِ دَرياھَ، پَسُ جٖي پارِ پَوَندِيُون،
ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ ساڻُ اللهَ،
جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي ڪِينَ ٻُڏَندِيُون ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 10 ]
ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ ساڻُ اللهَ،
جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي ڪِينَ ٻُڏَندِيُون ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 10 ]
ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾ بي راھَ،
تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ کي ڪَڍي تارِ مان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 25 ]
تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ کي ڪَڍي تارِ مان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 25 ]
ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ،
ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ،
صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا توسين رازُ،
سُڀاڻي سَرفَرازُ، مِيان ڪَندو مَڱڻين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 6 ]
ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ،
صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا توسين رازُ،
سُڀاڻي سَرفَرازُ، مِيان ڪَندو مَڱڻين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 6 ]
سِرُ مَڱي سِرُ گهُري، سِرَ ري ٿِيي نَہ صَلاحَ،
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
جَنِ ريءَ سَري نَہ ساھَ، رَتِي رُسُ مَ تَنِ سين،
ھُوءِ ڪَرَھِينِ ڪُڇِجِ ڪِي مَ ڪِي، ڪِجِ سَيِّدُ چئَي صَلاحَ،
ٻِي وِروھَڻَ واھَ، ڪا توکي آھي تَنِ ري.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 21 ]
ھُوءِ ڪَرَھِينِ ڪُڇِجِ ڪِي مَ ڪِي، ڪِجِ سَيِّدُ چئَي صَلاحَ،
ٻِي وِروھَڻَ واھَ، ڪا توکي آھي تَنِ ري.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 21 ]
ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو،
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]