سَھان جي سنڌي معنيٰ
برداشت ڪيان. صبر ڪيان. ساٺ ڪريان. جٽاءُ ڪريان، هلان. جائز ٺھرايان، روا رکان. ڏک ڏسان، تڪليفون ڏسان. کڻان، رکان، ڀريان، ٻڌان. سٺان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To suffer, bear, endure.
سَھان جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن،
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ سِجهائِي،
جيڏِيُون جُدائِي، سَھان نَہ سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 3 ]
جيڏِيُون جُدائِي، سَھان نَہ سُپَيرِيَن جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 3 ]
جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي،
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صُباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صُباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]
ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ،
ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
دوسَ نَہ سَھان دامُ، تُون وِندُرَ ٿِي ويلا ڪَرِين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 11 ]
ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيان،
ھُونِ ھَميشه ھِتَھِين، تَہ ڏُونگَرُ ڪوھُ ڏورِيان،
اَکِيُنِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 3 ]
ھُونِ ھَميشه ھِتَھِين، تَہ ڏُونگَرُ ڪوھُ ڏورِيان،
اَکِيُنِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 3 ]
ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ،
اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيھِيائِي جوڙَ ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 4 ]
اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيھِيائِي جوڙَ ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 4 ]
ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وارِئو،
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
مَعذُورِ مَ مارِئو، سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 5 ]
رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان گهَڙِي ھِتِ گهارِئو،
مَعذُورِ مَ مارِئو، سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 5 ]
ڪِينَ سَھان ٿِي سُپِرِين، ڇَپَرَ جُون ڇولُون،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اولُون،
ٻانڀَڻِ سين ٻولُون، پِرِين پارِجِ پانھِنجُون.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 8 ]
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اولُون،
ٻانڀَڻِ سين ٻولُون، پِرِين پارِجِ پانھِنجُون.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 8 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ،
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ،
وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 4 ]
سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ،
پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ پينارَ تي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 2 ]
اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ،
پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ پينارَ تي.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 2 ]
English Meaning
To suffer, bear, endure.