سَرَ جي سنڌي معنيٰ
ٻُوڙي جو قسم. سر جي ڪاني مان ٺهيل تير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of reed or grass from which a kind of cord munj is made. Saccharum sara.
سَرَ جا بيتن ۾ حوالا
سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين،
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
مُون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ، سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 11 ]
سَرَ لوھِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسَرِئا،
سي ڪِ وِسَرِئا، ڍولَ ھَمارا ھَٿَڙا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 12 ]
سي ڪِ وِسَرِئا، ڍولَ ھَمارا ھَٿَڙا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 12 ]
ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان،
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
دَلَقُ ڍَڪائِجِ دِلِ کي، لائِجِ ڪو مَ لِباسُ،
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ،
ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون موڪِلي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 21 ]
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙِهئان اَندَرِ ماسُ،
ويراڳِي تو واسُ، سَرَ ۾ بُويُون موڪِلي.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 21 ]
وَڳَرَ وِئا وَھِي، ڪالَهہ تُنھِنجا ڪُونجَڙِي،
ڪَندِينءَ ڪوھُ رَھِي، سَرَ ۾ سُپَيرِيَن ري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 4 ]
ڪَندِينءَ ڪوھُ رَھِي، سَرَ ۾ سُپَيرِيَن ري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 4 ]
ڇڏِئو ڇَپَرق وَٽِ، رِڙِھئو ريجاڻِيءَ چُڻي،
ڪُھِي ڪِيناري چاڙِھِيُون، پييُون وِڪامَنِ ھَٽِ،
تَنھِن سَرَ مَٿان سَٽِ، ڏِھاڙِي مارِي ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 24 ]
ڪُھِي ڪِيناري چاڙِھِيُون، پييُون وِڪامَنِ ھَٽِ،
تَنھِن سَرَ مَٿان سَٽِ، ڏِھاڙِي مارِي ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 24 ]
روھَ نَہ ويئِيَنِ راتِ، ڪُونجَلَ ڪوھُ ڪُڻڪين،
ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي جِي تاتِ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، حَيدَرِ جي حِماتِ.
[ سُر ڏھر، وايون، 3 ]
ٻَچا ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، تو جَنِي جِي تاتِ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، حَيدَرِ جي حِماتِ.
[ سُر ڏھر، وايون، 3 ]
ٿِئو حُضُورِي ھاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي،
کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 7 ]
کُنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 7 ]
اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ،
اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 10 ]
اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 10 ]
English Meaning
A kind of reed or grass from which a kind of cord munj is made. Saccharum sara.