سَتارُ جي سنڌي معنيٰ
ستر رکندڙ، عيب ڍڪيندڙ، عيب لڪائيندڙ، پردو رکندڙ، الله پاڪ جو ھڪ صفاتي نالو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A coverer of others faults, merciful, compassionate. A name of Allah.
سَتارُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ،
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]

ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]