دَرياھَ جي سنڌي معنيٰ
اَٿاھ پاڻي، سمنڊ، ساگر. ندي، درياءُ، درياھ. مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو، جو ڪنھن جبل يا ڍنڍ مان نڪري وڃي سمنڊ ۾ پوي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
River, mighty river, a big canal, (In persian an ocean)
دَرياھَ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو،
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
سُونھان سُڌِيُون ڏِينِ، اِنَ ديواني دَرياھَ جُون،
ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،
عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،
سُودُ نِباھِيو نِينِ، ثابِتُ اِنَهِيءَ سِيرَ مان.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 8 ]
ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،
عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،
سُودُ نِباھِيو نِينِ، ثابِتُ اِنَهِيءَ سِيرَ مان.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 8 ]
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻانھُون،
ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون،
موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 16 ]
ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون،
موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 16 ]
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ،
ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ،
ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ،
مَدَدَ ريءَ ميھارَ جي، غَرَضَ سَڀَ گُناھَ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَ، ساھَڙَ لنگهِيان سِيرَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 17 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي،
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهہ دَرياھَ،
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]
اَچِيو اُتاھِين گِهڙي، سانگو ڪَري نَہ ساھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهائي ٻاجَهہ سين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 2 ]
English Meaning
River, mighty river, a big canal, (In persian an ocean)