جِيارِينِ جي سنڌي معنيٰ
جيئرو ڪن، ساھ وجهن، حياتي ڏين، زندگي عطا ڪرن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Give life, take breath, make alive
جِيارِينِ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين،
ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ،
لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،
وَڍِئو چِيرئو چِچِرئو، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سِيخُون سَڄَڻَنِ ھَٿَ ۾، چُلهي ٿا چاڙِھِينِ،
مُوْتُوْ قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْ ، مَرضَ اِنَ مارِينِ،
لَا يَمُوتُ فِيھَا وَلَا يَحْيَىٰ ، مارِئو جِيارِينِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 3 ]

تَڙِينِ تَنوارِينِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
مُون کي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 9 ]

وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون چانگارِينِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، ڇَپَرِ ڇاٽارِينِ،
مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مارِينِ،
جيڏِيُون جِيارِينِ، رَھَنِ راتِ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 15 ]

رُئان رَتُ نَہ نِڪِري، پاڻِي نَہ پاڙِينِ،
سا پَرِ ھوتَ نَہ سِکِئا، جَنھِن پَرِ جِيارِينِ،
مُون کي ٿا مارِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 17 ]

جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا تِيرَٿَ گَنگا مَٿِرا،
سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، پِرھَ پُڪارِينِ،
باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، مُون کي ٿِيُون مارِينِ،
وايُون ويراڳِيَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِينِ.
[ سُر پورب، وايون، 10 ]

ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙَ ٿا تَنوارِينِ،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِينِ،
کِلِيو کِيڪارِينِ، جَنِي سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 18 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،
آديسِي اُٿِي وِئا، مَڙِهيُون مُون مارِينِ،
جٖي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 9 ]