جَبارُ جي سنڌي معنيٰ
ڌڻي تعالى جو هڪ صفاتي نالو، الله تعالى. تمام گهڻي طاقت وارو، سمورين طاقتن وارو. زور وارو، ڏاڍو، سَگهارو، وسَ وارو، زبردست.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Almighty, mighty, omnipotent, powerful, one of the attributive names of Allah.
جَبارُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَہ ھِينئَڙي جارُ،
خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 12 ]
خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 12 ]
English Meaning
Almighty, mighty, omnipotent, powerful, one of the attributive names of Allah.