جوڙِ جي سنڌي معنيٰ
ٺاھِ، ڳَنڍِ، ملاءِ، ٻَک، ٻَکج، ڀاڪرين پئُہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To make, build, put in order, mend, repair, get ready. To add up.
جوڙِ جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين،
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ،
مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 20 ]

لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي ڇوڙِ،
ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 58 ]

سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ ميڙيئي ٽوڙِ،
جَنِ ڄَڻِئو نَہ ڄاپِئا، جِيءُ تَنِي سين جوڙِ،
تَہ تُون پَھچين توڙِ، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 2 ]

اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون،
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]