تُنھِنجو جي سنڌي معنيٰ
تو وارو، تون وارو، ضمير واري اضافي صورت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Your
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
تُنھِنجو جا بيتن ۾ حوالا
وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين،
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]

تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]

توڻي ڏيِين ڏُھاڳُ، تَہ سَؤُ سُھاڳَنِ ڀانيان،
مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سَڀاڳُ،
دوسِتَ تُنھِنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نَہ لَھي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 17 ]

سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]

مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]

عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ،
ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي پُورو ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 5 ]

پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارِ مَ مُون،
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]

جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]

تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي، گهَڻو لَهُہ گهوري،
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، ٻَڌِجِ سِڙَه سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو، تَنھِن ۾ پاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 15 ]