ھِينئَرَ بابت
معنيٰ
ھن وقت، ھن ويل، ھاڻي، ھن گهڙي، هيرَ.
Now, this time. Right now.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ، جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- چارَڻَ چوٿِينءَ راتِ ۾، آءُ نِچُ آھِين جِيءُ، تُنھِنجو قَدَمُ پَدَمَ نَہ پاڙِيان، اَچِي ٿِيءُ جَمِيعُ، دانَ دَلُوچا دِلِ وَڻِيا،…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ، مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ، بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين، سو مُون پَلَئِي پاءِ، سُڻُ تُون، ڪَرِيان ڳالِهڙِي، آيُسِ آڳاھِينءَ جاءِ، ھِيءُ ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]