ھَزارين بابت
معنيٰ
هزارون، هزارن جي تعداد ۾ تمام گهڻا يا گهڻيون، بيشمار، انيڪ، لاتعداد، انداز کان ٻاهر.
Thousands, uncountable, limitless, hundreds of hundreds.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ، اِي ڳَنڍِ چُھِنڊِيءَ نَہ ڇُڙي، ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ، ھئَي ھئَي ڪَندا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ، اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ، پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- جُھڙَ تُنھِنجي جَهپِئا، ھَزارين حاتِمَ، ڪوجَهنِ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ريءَ ڪيرُ ڪَري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا، توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ، ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]