ڳُجُهہ بابت
معنيٰ
لڪل ڳالهہ، راز، ڀيدُ، منجهہ، انت، اندر، مام.
Puzzle, riddle, secret, mystery, trace, clue.
بيتن ۽ وائين ۾
- حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ، پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ پُڻ سوئِي، آھي نِجو ئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرِ ڳالِهڙِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڳُجُهہ پانھِنجي ڳُجَهہ کي، رِندَ رَساڻي لاءِ، اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ٽي ڏِينھِن ٽَمَڪائِينِ، دُونھِيُون دائِرَنِ ۾، ميڙِئو ڪَڻِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ، ڳُجُهہ نَہ ڳالَهائِينِ، لِڪا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ سُونھين جوڳِيين، جوڳِيان سَندِيءَ جانِ ۾، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرُ آھِ، ھاءِ مُونھِين کي واءِ، جَا آئُون…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مَنجِهہ ڪَٻَرُنِ ھُلُ، ٻَھران لقمَن چَمِڙا، نَہ لاکو نَہ ڦُلُ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- وَڻَ جِيئَن وِرِھَ وَڌَنِ، شاخُون ڪِئو سَرِيرَ ۾، سَڄَڻَ مُون نَہ مِلَنِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- سَڄَڻَ سان نَہ ڀيٽَ، ڳُجُهہ ڳَرھِيان ڪَنِ سين، ڳالِهيُون اَندَرِ پيٽَ، سَلا موري سُڪِيُون.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، ڳالِهہ مِڙِيائِي ڳُجُهہ، ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- سُھَمَ پَسان ٿِي سُومَرا، پِرِيَنِ ريءَ پيئِي، مُلِ رَساڻي مارُئين، مُون کي ڪو نيئِي، تَہ ساڻُنِ سَڀَيئِي، ڳُجُهہ ڳَرَهِيان ڳالِهڙِي.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]