ڳَئِي بابت
معنيٰ
وَئي، گذري وئي. (سرائڪي، اردو يا راجسٿاني ٻول)
Passed, went, passed away.
بيتن ۽ وائين ۾
- جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي، سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ، اُڀو پِريان پاسِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جي، سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، سِڪَڻَ اِيءُ شَرَطُ، نَڪِي گوڏِ گَرَٿُ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جِهيڻا ٿِئا نَکَٽَ، ھارِي وييَئِي وَٽَ، گَهڻا ھَڻَندين ھَٿَڙا.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو، پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- پِريان سَندِيءَ ھَنۡجَ ۾، سُتِي جا پَئِي، سا ڪوھُ پُڇي راتِ کي، تَہ ڪيتِري ڳَئِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]