گِهڙَڻُ بابت
معنيٰ
ٽٻي هڻڻ پاڻيءَ ۾. داخل ٿيڻ، گهِڙي وڃڻ، لنگهي وڃڻ، چُڀڻ، پيھڻ، درج ٿيڻ، پَوَڻ. پيرو وجهڻ، اندر وڃڻ يا اچڻ. ڪنھن ڪم جي شروعات ڪرڻ.
Coming in, insertion, diving, initiating.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي، سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون، جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]