گَنگا بابت
معنيٰ
ڀارت ۾ هندن جي پؤتر نديءَ جو نالو.
The Ganges is a trans-boundary river of Asia which flows through Bangladesh and India.
بيتن ۽ وائين ۾
- گَنگا گَجِي ھَلِئا، مَيا ماٺِ نَہ ڪَنِ، اِنَ اوسِيئَڙي پَنڌَ جي، چِنُو نَہ چانگَنَ، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ، توکي ڳَھَرَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ، گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ، ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- اللهَ ايڪِيھين ڏِينھَن تي، ويراڳِي وارِين، ڪَڏِھِين اِيندا ڪاپَڙِي، گَنگا گِرنارِي، لَقا لاھُوتِيَنِ کي، ڪَنھِن ڏُکَ ڏيکارِي، اِھَڙا آچارِي، لِڪا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ، نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ، گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ، راوَلُ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪوڙيِين گَنگائُون ڀيٽِيين، سَھِسين ڪَرِيين سَنانَ، ريءَ مُحَّمَدَ ڄامَ، ڪَمِ نَہ اِيندُءِ ڪِي ٻِئو.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ، بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ، تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ، ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- پيھِي وِئا پاڻ ۾، ٿا وھسَنِ ويروتارَ، لَڳي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، تَن کي اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ، سامِيَڙا سَتارَ، گَنگا گَجِي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ، ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا تِيرَٿَ گَنگا مَٿِرا، سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، پِرھَ پُڪارِينِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، مُون کي ٿِيُون مارِينِ،…[ سُر پورب - وايون ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ، سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ، سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ، پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، سي ٿِئڙا ڌَڻِ ڌَڻِي، عِزَتَ آسائُنِ کي، ڏيوي گهوٽُ گهَڻِي، طاماعُنِ تَڻِي، پَسو جا پيدا ٿِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ اَکِيُنِ پُنُون نِينھُن، سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن، سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- اِھَڙِيءَ آسَ اَپارَ، پارِيُون جَهلِئو نَہ رَھي، ٻيلي ۽ گِرنارَ، اُٺو گَنگا جَرُ جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]