گوشي بابت
معنيٰ
گوشائتا، اڪيلا، ھڪ پاسي تي.
In corner, closet, in privacy, in lonesome.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي…[ سُر کنڀات - وايون ]
- جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ، اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ، پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ، سَمُنڊَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ، چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين، جِيئَڻَ گوشي جاءُ، مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ڳالِهيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون، پَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]