گهَڙِي بابت
معنيٰ
رات ڏينهن جو سٺُون حصو، هڪ ڪلاڪ جو ٻہ ڀاڱي پنجون حصو، چوويھ منٽن جو وقفو. کِن، پَلڪ، ساعت، ويرم، لحظو، لمحو، جهُٽڪو. انجام . ٿوري دير، پَل، وقت، سمون، زمانو.
60th part of day and night. Moment, for a while, bit of time.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي، اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي، چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَردَ رانجَهنِ دي ھِيءَ دِلِ مارِي مَولا، ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيا دِلِ سارِي، ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتاوي،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾، تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي، ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويھِي رَھِيَس وَڻِي، جَتَ پانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي، جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو، واڳَ وَٺِي وَرُ وارِئو، مُون نِماڻِيءَ تان ڪِينَ چَئو، سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارِئو،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وارِئو، رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان گهَڙِي ھِتِ گهارِئو، مَعذُورِ مَ مارِئو، سِڪِي…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا، پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا، ڇورِي ڇِنِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]