گهوڙا بابت
معنيٰ
رڙيون، ڪوڪون، دانھون، ھڪلون،
Cries, calls
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا، ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ، گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ، جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ، ڪُلَها…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ، سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ، اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا، ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا، گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا، مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِھِين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو، تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا، ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، گَهِليُون ۽ گهوڙا، لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- لَکين لوڊِي لَٽِئا، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪِنارَ، ڀُون ۾ پَئِي ڀَڪو ٿِئا گهوڙا ۽ سُوارَ، جُهونا پَسجَنِ ڪاپَڙِي، ڪُنڍا جَنِ ڪَپارَ،…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- جَڙَ گهوڙا ڀَڙَ گهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪُون ڪَنِ، نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ، ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا، گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ پانڊَپَ پاسِ، گهوڙا ھِيرَوَ ھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ، پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- چَڪَرُ چَوري ڍارَ، لِکَ سِينءَ لاکي ڄامَ جو، گهوڙا گهوٽَ سُؤارَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- مُوران ماٺو نَہ ٿِيي، تازِي جو توڙان، ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]