ڪِنِي بابت
معنيٰ
گندي، خراب، غليظُ، ميري، ڪوجهي. فاحِشُ، بَد، مَدي، بُري. بانسِي، باسِي، سَڙِيَلَ. ڪِني ڌَپَ واري، کِکي، ڇٽاري، نَرڪَ.
Filthy, stinking, fetid, putrid.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ، ڪِنِي پاڻُ پَري ڪِئو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ، ساهَڙُ مِليو تَنِ، جَنِي سانگُ نَہ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دائِمُ جَا دَرياھَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوھُ، آھيسِ اِيءُ اَندوھُ، پاڻِي ڪِٿي تَہ پِيان.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، چَرِئو چِتُ ٿِئوءِ، ھارِي ڪِنِيءَ ھوڏَ کان، ڪُڄاڙو سَرِئوءِ، اَڳھَيِن اَنگُ وِنگوءِ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]